حاضر آهي سنڌي ڊيش بورڊ!

سنڌي ترجمي جي نئين batch لاڳو ٿيڻ کانپوءِ WordPress.com ڊيش بورڊ سان وڌيڪ پنهنجائپ ٿي محسوس ٿئي 🙂

هيٺيون عڪس ڏسو:

نئين پوسٽ شامل ڪريو ‹ سنڌيڪاري — WordPress

جيڪي به دوست هيءَ پوسٽ پڙهي رهيا آهن، انهن سڀني کي گذارش آهي ته WordPress.com تي وڃي پنهنجو بلاگ ٺاهن ۽ ٻولي ۾ سنڌي جي چونڊ ڪن.

#%d8%b3%d9%86%da%8c%d9%8a%d8%8cdashboard%d8%8csinndhi%d8%8cwordpress

ڪنهن به لفظ، اصطلاح يا…

ڪنهن به لفظ، اصطلاح يا جملي جي معنى لکڻ کانپوءِ الڳ الڳ، Tab ۽ پوءِ Enter جو بٽڻ دٻايو ته جيئن اهو ترجمو ڊيٽابيش ۾ تصديق لاءِ شامل ٿي وڃي. ڪجهه دوست ترجمو ڪرڻ کانپوءِ Enter ٿا دٻائن جنهن سان اضافي طور هڪ پيراگراف (هڪ لائين) هيٺ شامل ٿي وڃي ٿي ۽ ان تي WordPress سسٽم طرفان هڪ وارننگ لاڳو ٿي وڃي ٿي.

ڪمپنين جا نالا ۽ ٽريڊمارڪ ترجمو نه ڪجن

ڪجهه عرصو اڳ جڏهن اسان Microsoft جي products جو ترجمو پئي ڪيوسين ته ترجميڪار جيڪا هڪ عام غلطي ڪري رهيا هئا، اها هئي مصنوعات ۽ خدمتن (products and services) جي نالن کي به ترجمو ڪرڻ! جڏهن ته عام اصول آهي ته ڪمپنين جا رجسٽر ٿيل نالا يا ٽريڊمارڪ ترجمو ناهن ڪبا. انهن کي جيئن جو تيئن رکبو آهي.

تنهنڪري سنڌيڪار دوستن کي گذارش آهي ته WordPress جتي به اچي، ان کي جيئن جو تيئن WordPress ئي لکجي. ان جو مطلب آهي ته ورڊپريس ڪري به نٿو لکي سگهجي. ساڳي طرح Jetpack کي به Jetpack ئي لکيو وڃي.

تنهنڪري، ياد رکو:

ڪمپنين جا رجسٽر ٿيل نالا يا ٽريڊمارڪ (جيئن WordPress، Facebook، LinkedIn، Wikipedia، وغيره) جيئن جو تيئن لکو.

#sindhi, #trademarks, #wordpress

ڪاميابي: سنڌي ٻولي لاءِ RTL فارميٽ مقرر

جنهن ڏينهن کان WordPress.com سنڌي لاءِ Validator جو رضاڪاراڻو عهدو مليو آهي، ڪيتريون ئي شيون Back-end تي ڏسان پيو: ڪٿان شروع ڪجي، ڪهڙي شئي جي اهميت آهي، ڪهڙي شئي کي ترجيح ڏجي، ڪهڙي عنصر جي ترت ضرورت پوندي ته جيئن پهريان ان کي سنڌي ۾ ڪجي، وغيره.

WordPress.com پاران سنڌي ٻولي کي سڃاڻڻ کانپوءِ هيءَ پهريون نج سنڌي بلاگ آهي جنهن جي منتظم پئنل (Admin Panel) توڙي بلاگ جي پنهنجي ٻولي به سنڌي ۾ آهي.

جڏهن اهو بلاگ ٺايم ته سڀ کان پهرين ڳالهه جيڪا نظر آئي اُها اِها هئي ته سنڌي ٻولي چونڊڻ کانپوءِ به بلاگ جو فارميٽ Roman لکت وارين ٻولين وانگر Left-to-Right (LTR) رهيو. يقينن اهو اهڙو نڪتو هيو جيڪو بنيادي معلوم ٿيو ۽ ان وقت ئي WordPress.com فورم تي ترجميڪاري واري فورم تي سنڌي ٻولي لاءِ عربي لکت وارين ٻولين وارو Right-to-Left (RTL) فارميٽ مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست موڪليم. عڪس هيٺ ڏنل:

RTL Support Required for Sindhi  sd سنڌي  « WordPress.com Forums

WordPress وارن جي مهرباني جن ترت جواب ڏنو ۽ هاڻي WordPress.com جو ائڊمن پئنل صحيح نموني ساڄي کان کاٻي طرف ڏيک پيو ڏئي. عڪس ڏسو:

Dashboard ‹ سنڌيڪاري — WordPress

ان کانپوءِ اصل ڳالهه آهي ته بلاگ نظر ڪيئن پيو اچي؟ ته سائين هيءَ اهو ئي بلاگ آهي جيڪو توهان کي ساڄي کان کاٻي پاسي عنصرن جي ترتيب ڏيکاري رهيو آهي.

اميد ته ٻيا دوست به WordPress.com جي سنڌيڪاري ۾ مدد ڪندا ۽ جلد ئي سمورو ڪم پورو ڪري وٺبو. ان کان علاوه دوستن کي اها به گذارش آهي ته WordPress.com تي پنهنجي مفت ويبسائٽ وٺن ۽ سنڌي ٻولي چونڊن ته جيئن WordPress وارن کي به پنهنجو پورهيو سجايو محسوس ٿئي.

اها ڳالهه به واضح هُجي ته WordPress يا ڪنهن به ٻي خدمت يا پراڊڪٽ کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ڪنهن به صورت سنڌي ٻولي تي ٿورو ناهي، نه ئي ايئن سمجهيو وڃي. انٽرنيٽ جي دنيا هڪ مهاساگر آهي ۽ اسان ان ۾ صرف ڪجهه ٽيپا هٿ ۾ کنيون پيا آهيون.

#localization, #sd, #sindhi, #translation, #wordpress, #%d8%b3%d9%86%da%8c%d9%8a, #%d8%b3%d9%86%da%8c%d9%8a%da%aa%d8%a7%d8%b1%d9%8a

دنيا جي مشهور CMS سرشتي WordPress.com ۾ سنڌي جي شموليت

بلاگنگ جي دنيا سان منهنجو رشتو تمام گهڻو پراڻو آهي. WordPress جي منظرنامي تي اچڻ کان اڳ مان ڪافي بلاگ سرشتن تي پنهنجا بلاگ ٺاهي تجربا ڪندو رهيو هئم جن ۾ Google جو Blogger به شامل آهي.

پر جڏهن کان WordPress.com تي پنهنجو بلاگ ٺاهيم، تنهن ڏينهن کان ٻيا سڀ بلاگ ختم ڪري صرف WordPress ئي استعمال ڪرڻ لڳم ڇاڪاڻ ته هن ۾ موجود آسان بلاگ پوسٽن ۽ صفحن جو سرشتو تمام سولو ۽ بهترين لڳو. ان کان علاوه مواد انتظامي سرشتو (Content Management System) به ٻين کان ڪيئي وکون اڳتي هيو! منهنجي پهرئين WordPress بلاگ کي تقريباً 10 سال ٿيڻ وارا آهن. اها منهنجي ڪاميابي آهي.

هاڻي جڏهن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ايتري ترقي ڪئي آهي جو ڪيتريون ئي خدمتون سنڌي ٻولي ۾ دستياب ٿي چڪيون آهن يا وري ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن، مان سوچيو ته WordPress کي به گهرجي تي سنڌي ٻولي کي اپنائي. ڦولا ڪرڻ تي خبر پئي ته WordPress جي خود-آکيرڻ واري سهولت WordPress.org تي ته ڪجهه سنڌي دوست ڪم ڪن پيا، پر WordPress.com تي اڃا ڪير به ڪم نه پيو ڪري.

ان سلسلي ۾ WordPress وارن سان رابطي ڪاري ۾ چڱي موٽ ملي ۽ مونکي سنڌي ٻولي لاءِ Validator مقرر ڪرڻ واري درخواست کي به قبول ڪري ڇڏيائون، جنهن جو مطلب ته WordPress.com تي ٿيندڙ سنڌي ترجمي کي قبول يا رد ڪرڻ وارو اختيار مونکي به مليل هوندو. ان سان وڌيڪ اتساهه مليو آهي ۽ هاڻي ترجمي واري ڪم اڃا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو اٿم.

هيٺ ڏنل اسڪرين ڇاپو ڏسو:

سنڌي ٻولي لاءِ Validator چونڊجڻ

#localization, #sd, #sindhi, #translation, #validator, #wordpress, #%d8%b3%d9%86%da%8c%d9%8a%d8%8c-%d8%b3%d9%86%da%8c%d9%8a%da%aa%d8%a7%d8%b1